سنڌو درياءَ ۾ پاڻي وهڪرن ۾ واڌ جو سلسلو جاري، گڊو بئراج وٽ پاڻي جي سطح ۾ اضافو، گڊو بئراج وٽ وچولي ۽ سکر بئراج وٽ هيٺئين درجي جي ٻوڏ برقرار، ڪوٽڙي بئراج وٽ پاڻي جا وهڪرا نارمل قرار، آبپاشي کاتي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گڊو بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 3 لک 92 هزار 84 ڪيوسڪ ۽ ھيٺانهون وهڪرو 3 لک 53 هزار 42 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو، سکر بئراج وٽ مٿانهون وهڪرو 3 لک 10 هزار 360 ڪيوسڪ ۽ ھيٺانهون وهڪرو2 لک 56 هزار 803 ڪيوسڪ رڪارڊ، ڪوٽڙي بئراج وٽ مٿانهون وهڪرو هڪ لک 9 هزار 42 ڪيوسڪ ۽ ھيٺانهون وهڪرو 67 هزار 727 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو


