سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

پاڪستان يا سعودي عرب خلاف جارحيت ٻنهي ملڪن خلاف جارحيت تصور ڪئي ويندي

پاڪستان يا سعودي عرب خلاف جارحيت ٻنهي ملڪن خلاف جارحيت تصور ڪئي ويندي، پاڪستان ۽ سعودي عرب گڏيل دفاعي معاهدو ڪري ورتو، وزيراعظم شهباز شريف ۽ سعودي ولي عهد محمد بن سلمان گڏيل دفاعي معاهدي تي صحيحون ڪيون، معاهدي جو مقصد ٻنهي ملڪن وچ ۾ دفاعي سهڪار کي هٿي ڏيڻ ۽ ڪنهن به جارحيت خلاف گڏيل دفاع ۽ تحفظ کي مضبوط بڻائڻ آهي، پڌرائي موجب ڪنهن به هڪ ملڪ خلاف جارحيت ٻنهي ملڪن خلاف جارحيت تصور ڪئي ويندي، گڏيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته سعودي عرب ۽ پاڪستان جي اٺ ڏهاڪان کان تاريخي ڀائيواري آهن، ٻنهي ملڪن جي گڏيل حڪمت عملي وارن مفادن ۽ دفاعي سهڪار جي تناظر ۾ معاهدو ٿيو، جيڪو ٻنهي ملڪن جي سلامتي وڌائڻ جي گڏيل عزم جي عڪاسي ڪري ٿو، ملاقات ۾ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ ٻيا موجود هئا

Related posts

Leave the first comment