گمبٽ: پراڻي تڪرار تان ھٿيابندن جو گھر تي حملو، فائرنگ ۾ عورت سميت 3 ڄڻا قتل،2 نينگريون زخمي

ڳوٺ پنهل ڪورائي ۾ جوابدارن جي فائرنگ ۾ نادر ڪورائي، لعل بخش ڪورائي ۽ زبيده ڪورائي مارجي ويا

گمبٽ (ويب ڊيسڪ) گمبٽ ويجھو پراڻي تڪرار تان ھٿيابندن جو گھر تي حملو، فائرنگ ۾ عورت سميت 3 ڄڻا قتل،2 نينگريون زخمي.

ڳوٺ پنهل خان ڪورائي ۾ جوابدارن جي فائرنگ ۾ نادرڪورائي، لعل بخش عرف فياض ڪورائي سميت عورت زبيده ڪورائي مارجي وئي،

جوابدارن جي انڌاڌنڌ فائرنگ ۾ زخمي ٿيل نينگريون فائزه علي ۽ رحيمان کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو.

پوليس جو چوڻ آھي ته قتل ڪندڙ ڌاڙيل بچل عرف بچو ڪورائي ڳوٺاڻن جي گھيراءَ کان پوءِ راڪيٽ لانچر فائر ڪيا.

Related posts

Leave the first comment