فيلڊ مارشل جنرل عاصم منير جي اڄ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان اهم ملاقات طئي

وائيٽ هائوس تصديق ڪري ڇڏي، فيلڊ مارشل عاصم منير ۽ ڊونلڊ ٽرمپ ڪيبنيٽ ۾ ملاقات ڪندا

واشنگٽن (انٽرنيشنل ڊيسڪ) پاڪ- آمريڪا لاڳاپن ۾ غير معمولي اڳڀرائي، فيلڊ مارشل جنرل عاصم منير جي اڄ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان اهم ملاقات طئي.

وائيٽ هائوس تصديق ڪئي آهي ته آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ فيلڊ مارشل جنرل عاصم منير جي ملاقات اڄ مانجهاندي تي ٿيندي.

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان فيلڊ مارشل، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل عاصم منير جي ملاقات ڪيبنٽ روم ۾ ٿيندي.

Related posts

Leave the first comment