صدر آصف علي زرداري سان وزيراعظم شھباز شريف جي ملاقات

ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ملڪي موجوده سياسي ۽ معاشي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري سان وزيراعظم شھباز شريف جي ملاقات.

ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ملڪ جي موجوده سياسي ۽ معاشي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ملاقات ۾ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، وفاقي وزير احسن اقبال، قانون وارو وزير، اعظم نذير تارڙ ۽ سينيٽر سليم مانڊوي والا به موجود ھئا.

وزير اعظم پنھنجي يو اي اِي جي دوري ۽ وفاقي بجيٽ بابت صدر مملڪت آصف علي زرداريءَ کي آگاھه ڪيو.

صدر آصف علي زرداريءَ چيو ته پگھاردار، پينشنرز ۽ مزدورن لاءِ قدم کڻڻ ضروري آھن، وفاقي بجيٽ ۾ پورھيتن ۽ گھٽ آمدني واري طبقي جي ڀلائي کي اوليت ڏني وڃي.

Related posts

Leave the first comment