وڏي وزير مراد علي شاهه جو ٻوڏ واري صورتحال تي فوڪل پرسن مقرر ڪيل وزيرن سان رابطو، آبپاشي واري وزير ڄام خان شورو جي وڏي وزير کي درياءَ جي صورتحال تي بريفنگ، وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته اڱاري ۽ اربع جي رات سنڌو درياءَ ۾ ٻوڏ اچڻ جو خدشو آهي، درياهه جي ساڄي ۽ کاٻي ڪنارن جي بندن جي نهري نظام جي سخت نگراني ڪئي وڃي، سمورا لاڳاپيل ادارا ۽ انتظاميا فيلڊ ۾ سرگرم رهن، صوبائي وزير سمورن قدمن جي نگراني ڪندا رهن، وڏي وزير پاران دريائي ڪنارن ۽ ڪچي ۾ رهندڙ ماڻهن کي انتظاميا سان سهڪار جي هدايت، ڄام خان شوري جو چوڻ آهي ته بيراجن جي صورتحال هن وقت تائين بهتر آهي، سمورا حفاظتي انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن


