سنڌ ۾ امڪاني ٻوڏ سبب 15 ضلعا ۽ ساڍا 16 لک ماڻهو متاثر ٿيڻ جو خدشو ظاهر، 167 يونين ڪائونسلز ۽ هڪ هزار 657 ڳوٺ متاثر ٿيندا، ٻوڏ جو وهڪرو 2 يا 3 سيپٽمبر تي سنڌ ۾ داخل ٿي سگھي ٿو، سنڌ سرڪار امڪاني ٻوڏ واري صورتحال جي نگراني ڪري رهي آهي، سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ فلڊ ڪنٽرول روم قائم ڪيو ويو آهي، جيڪو 24 ڪلاڪ ڪم ڪري پيو، بندن تي 591 رليف ڪيمپون قائم ڪيون وينديون، ريسڪيو لاءِ 192 سرڪاري ٻيڙيون ۽ 36 موبائل يونٽ به موجود آهن، سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي پريس ڪانفرنس، سندس چوڻ آهي ته حڪومت امڪاني صورتحال کي نظر ۾ رکندي اڳواٽ قدم کڻي ڇڏيا آهن، ڪچي جي علائقن ۾ سنڌ سرڪار جي مشينري موجود آهي، هر ٽن ڪلاڪن بعد بيراجن ۾ پاڻيءَ جي صورتحال بابت ڄاڻ شيئر ڪندا، پاڪستان موسمياتي تبديليءَ سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي رهيو آهي




