سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

سنڌو درياهه ۾گڊو، سکر ۽ ڪوٽڙي بئراج وٽ ننڍي ٻوڏ برقرار

– سنڌو درياهه ۾گڊو، سکر ۽ ڪوٽڙي بئراج وٽ ننڍي ٻوڏ برقرار، ڪنٽرول روم موجب 24ڪلاڪن ۾ گڊو بيراج وٽ پاڻي جي وهڪرن ۾ 4 هزار 590 ڪيوسڪ لاٿ آئي، ڪوٽڙي بئراج وٽ ساڳيا وهڪرا برقرار ، گڊو بيراج تي پاڻيءَ جو مٿانهون وهڪرو 3 لک 18 هزار 229 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 3 لک 3 هزار 877 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو، سکر بيراج وٽ پاڻيءَ جو مٿانهون وهڪرو 2 لک 85 هزار 487 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 2 لک 34 هزار 417 ڪيوسڪ رڪارڊ، ڪوٽڙي بيراج وٽ پاڻيءَ جو مٿانهون وهڪرو 2 لک 73 هزار 844 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 2 لک 44 هزار 739 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو، ٻن کان ٽن ڏينهن ۾ پنجند مان وهڪرو گڊو بيراج پهچڻ تي وهڪري ۾ اضافي جو امڪان، اين ڊي ايم اي جو چوڻ آهي ته 5کان 6 سيپٽمبر جي وچ ۾ پاڻيءَ جو وڏو وهڪرو گڊو بيراج وٽ پهچندو، حڪومت سنڌ حڪومت جي فوڪل پرسن زبير چنا جو چوڻ آهي ته سنڌ جي بيراجن ۽ بندن ۾ ڪٿي به ڪو ڪمزور هنڌ موجود ناهي، سڀئي بند جديد ضرورتن موجب مضبوط ڪيا ويا آهن

Related posts

Leave the first comment