– صدر مملڪت آصف علي زرداري لينڊ پورٽ اٿارٽي بل جي منظوري ڏئي ڇڏي، ايوان صدر جي پڌرائي موجب لينڊ پورٽ اٿارٽي بل صدر مملڪت جي منظوري کانپوءَ ايڪٽ بڻجي ويو، ڀارت ۽ بنگلاديش ۾ اڳ ئي لينڊ پورٽ اٿارٽي قائم آهي، لينڊ پورٽ اٿارٽي سرحدي گذرگاهن تي سامان ۽ ماڻهن جي چُرپر ۾ سهولت فراهم ڪندي، لينڊ پورٽ اٿارٽي سرحدي ادارن سان گڏ اثرائتي هم آهنگي لاءِ مضبوط مڪينزم جوڙيندي


