سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي وهڪرن ۾ واڌ، گڊو بيراج وٽ وچولي، سکر ۽ ڪوٽڙي بيراج وٽ ننڍي ٻوڏ برقرار، 24 ڪلاڪن ۾ گڊو بيراج وٽ پاڻيءَ سطح ۾ 22 هزار 47 ڪيوسڪ ۽ سکر بيراج وٽ 31 ھزار ڪيوسڪ واڌ رڪارڊ، ڪوٽڙي بيراج وٽ 15هزار ڪيوسڪ پاڻي وڌي ويو، گڊو بيراج وٽ پاڻيءَ جو مٿانهون وهڪرو 3 لک 89 هزار 298 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 3 لک 56 هزار 942 ڪيوسڪ ٿي ويو، سکر بيراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 3 لک 15 ھزار 172 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 2 لک 60 ھزار 512 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو، ڪوٽڙي بيراج وٽ مٿانهون وهڪرو 2 لک 62 ھزار 668 ڪيوسڪ رڪارڊ ۽ هيٺانهون وهڪرو 2 لک 30 ھزار 213 ڪيوسڪ رڪارڊ، ڪنٽرول روم موجب گڊو بيراج تي ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ پاڻي وڌڻ جو امڪان آهي


