سپريم ڪورٽ ۾ سويلينز جي فوجي عدالتن ۾ ٽرائل واري فيصلي خلاف انٽرا ڪورٽ اپيلن تي ٻڌڻي

آرمي ايڪٽ ۾ جيڪڏهن سويلينز کي آڻڻو هجي ها ته ان ۾ ڌار لکيو وڃي ها: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) آرمي ايڪٽ ۾ جيڪڏهن سويلينز کي آڻڻو هجي ها ته ان ۾ ڌار لکيو وڃي ها، سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ جا سويلينز جي فوجي عدالتن ۾ ٽرائل واري فيصلي خلاف انٽرا ڪورٽ اپيلن جي ٻڌڻي دوران رمارڪس.

سپريم ڪورٽ ۾ سويلينز جي فوجي عدالتن ۾ ٽرائل واري فيصلي خلاف انٽرا ڪورٽ اپيلن تي ٻڌڻي ٿي.

جسٽس مسرت هلالي رمارڪس ڏنا ته ڇا سويلينز ان جي ذمري ۾ اچن ٿا، هتي ته ڳالهه رڳو فورسز جي ميمبر کي ڊسپلين ۾ رکڻ لاءِ آهي.

جسٽس نعيم اختر افغان رمارڪس ڏنا ته مارشل لا دورن ۾ 1973 جي آئين ۾ گهڻيون شيون شامل ڪيون ويون.

آئيني ترميم ڪري مارشل دورن جون شيون تبديل ڪري 73ع جي آئين کي حقيقي شڪل ۾ واپس آندو ويو پر ان ۾ به آرمي ايڪٽ جي حوالي سان شين کي نه ڇيڙيو ويو.

Related posts

Leave the first comment