سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

افغان طالبان آمريڪي فوج ڇڏيل 5 لک هٿيار دهشتگردن کي وڪرو ڪري ڇڏيا: برطانوي ميڊيا جو انڪشاف

طالبان جي اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ 5 لک هٿيار گم ٿي ويا هئا، گم ٿيل آمريڪي هٿيار دهشتگرد گروپن کي وڪرو ڪيا

لنڊن (انٽرنيشنل ڊيسڪ) برطانيا جي ميڊيا انڪشاف ڪيو آهي ته افغان طالبان آمريڪي فوج ڇڏيل 5 لک هٿيار دهشتگردن کي وڪرو ڪري ڇڏيا.

برطانوي ميڊيا موجب طالبان جي اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ 5 لک هٿيار گم ٿي ويا هئا، گم ٿيل آمريڪي هٿيار دهشتگرد گروپن کي وڪرو يا اسمگل ڪيا ويا.

گڏيل قومن جو چوڻ آهي ته افغانستان ۾ ڇڏيل آمريڪي هٿيار القاعده سان لاڳاپيل تنظيمن ڏانهن ويا.

القاعده سان لاڳاپيل تنظيمن کي افغانستان ۾ آمريڪي هٿيارن تائين رسائي حاصل آهي.

Related posts

Leave the first comment