نوشهروفيروز جي عدالت پاران غلام مرتضيٰ جتوئي جي پڪي ضمانت منظور

نوشهروفيروز (ويب ڊيسڪ) نوشهروفيروز جي عدالت جي ڊي اي اڳواڻ غلام مرتضيٰ جتوئي جي پڪي ضمانت منظور ڪري ورتي.

ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت ۾ ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي، عدالت محبت  ديرو ٿاڻي تي حملي واري ڪيس ۾ محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.

غلام مرتضيٰ جتوئي جي وڪيل جو چوڻ آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ لاڙڪاڻي بينچ به سمون گرفتاري وارنٽ معطل ڪيا آهن.

عدالت موجب غلام مرتضيٰ جتوئي اڄ آزاد نه ڪيو ويو ته پوليس خلاف آرٽيڪل 204 تحت ڪارروائي ٿي سگهي ٿي.

Related posts

Leave the first comment