سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

سنڌوءَ تي ڌاڙي خلاف مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ۽ ڌرڻا

لاڙڪاڻو، راڻيپور، چيلهار، حيدر آباد، مانجھند، ٻٻر لوءِ ۽ ٻين ننڍن وڏن شهرن ۾ سنڌوءَ تي ڌاڙي خلاف احتجاج ڪري ڌرڻا هنيا ويا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌوءَ تي ڌاڙي خلاف مختلف شهرن ۾ مظاهرا ۽ ڌرڻا جاري آهن.

لاڙڪاڻي ۾ ايس ٽي پي جي ڪارڪنن ۽ سياسي سماجي ڌارين پاران احتجاجي مظاهرو ڪرڻ کان پوءِ  راڻيپور ۾ قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو ويو جنهن سببٽرئفڪ معطل ٿي وئي.

چيلهار ۾ سماجي ڪارڪنن، اسڪولي اسڪولي شاگردن ۽ شهرين جو مظاهرو ڪري گرين انيشي ايٽو ۽ ڪئنالن خلاف نعريبازي ڪئي.

مانجھند ۾ ايس ٽي پي ڪارڪنن مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، ڌرڻي دوران روڊ جي ٻنهي طرفان کان گاڏين جون قطارون لڳي ويون.

اڳواڻن چيو ته سنڌو درياهه مان 6 ڪئنال ڪڍي سنڌ جي زمينن کي بنجر بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي جيڪا ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪبي.

Related posts

Leave the first comment