ڪوئيٽاويجهو مسافر ڪوچ سان حادثو 4 ڄڻا فوت، 28 زخمي

ناڙي ۾ صادق آباد کان ڪوئيٽا ايندڙ ڪوچ تيز رفتاريءَ سبب پُل سان ٽڪرائجي وئي

ڪوئيٽا (نيشنل ڊيسڪ) ڪوئيٽا ويجهو مسافر ڪوچ سان حادثي ۾ 4 ڄڻا فوت جڏهن ته  28 زخمي ٿي پيا.

ناڙي واري علائقي ۾ صادق آباد کان ڪوئيٽا ايندڙ ڪوچ قومي شاهراهه تي تيز رفتاريءَ سبب پُل سان ٽڪرائجي وئي.

ليويز ذريعن موجب حادثي ۾ ٻن ٻارڙن سميت 4 ڄڻا فوت ۽ 28 مسافر زخمي ٿي پيا، فوتين جي لاشن ۽ زخمين کي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

Related posts

Leave the first comment