سنڌ سميت سموري دنيا ۾ اڄ صحافت جي آزادي جو عالمي ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي

پاڪستان جو آئين اظهارِ راءِ جي آزادي جي ضمانت ڏئي ٿو: صدر /وزيراعظم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ سميت سموري دنيا ۾ اڄ صحافت جي آزادي جو عالمي ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي.

صدر آصف علي زرداري پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته پاڪستان جو آئين اظهارِ راءِ جي آزادي جي ضمانت ڏئي ٿو.

دنيا تائين حقيقتون پهچائڻ ۾ صحافين جون قربانيون تاريخ جو سنهري باب آهن، ڪوڙين خبرن ۽  غلط معلومات سبب ميڊيا جي ذميواري وڌيڪ وڌي وئي آهي.

صدر پنهنجي جاري ڪيل پيغام ۾ وڌيڪ چيو ته اعليٰ صحافتي معيار، خبرن جي درستگي ۽ پيشه وراڻي مهارت کي برقرار رکڻ گهرجي.

وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ڪرپشن جي خاتمي ۽ پوئتي پيل طبقن لاءِ آواز اٿارڻ ۾ ميڊيا جو اهم ڪردار آهي، فِيڪ نيوز جي خاتمي لاءِ ميڊيا سان گڏجي قانون سازي ڪئي آهي.

Related posts

Leave the first comment