خيبرپختونخوا ۾ سڪيورٽي فورسز جون ڪارروايون، 5 خارجي دهشتگرد مارجي ويا، 2 گرفتار

30 اپريل ۽ پهرين مئي تي خيبرپختونخوا ۾ 3 ڪارروايون ڪيون ويون: آءِ ايس پي آر

باجوڙ (نيشنل ڊيسڪ) خيبرپختونخوا ۾ سڪيورٽي فورسز جون ڪارروايون، 5 خارجي دهشتگرد مارجي ويا، 2 گرفتار.

آءِ ايس پي آر موجب 30 اپريل ۽ پهرين مئي تي خيبرپختونخوا ۾ 3 ڪارروايون ڪيون ويون.

فورسز دهشتگردن جي موجودگي جي ڳجهي اطلاع تي آپريشن ڪيو، باجوڙ ۾ ڪارروائي دوران دهشتگرد فريدالله سميت 3 خارجي مارجي ويا.

مارجي ويل خارجي دهشتگردن وٽان هٿيار ۽ ڌماڪيدار مادو هٿ ڪيو ويو.

هوڏانهن اتر وزيرستان جي علائقي دوسالي ۾ آپريشن دوران 2 خارجي مارجي ويا.

ٻئي طرف مهمند ايجنسي مان انتهائي گهربل خارجي لال امير عرف ابراهيم کي فورس گرفتار ڪري ورتو آهي.

Related posts

Leave the first comment