وزيراعظم شهباز شريف پاران پاڪستان معيشت تي ٻوڏ جي اثرن کي آءِ ايم ايف جي جائزي ۾ شامل ڪرڻ جو مطالبو، نيويارڪ ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي آءِ ايم ايف جَي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جاجيوا سان ملاقات، وزيراعظم جو چوڻ آهي ته پاڪستان آءِ ايم ايف پروگرام جي مختلف هدفن ۽ واعدن کي نڀائڻ ۾ اڳڀرائي ڪري رهيو آهي، پاڪستان معيشت تي تازي ٻوڏ جي اثرن کي آءِ ايم ايف جي جائزي ۾ شامل ڪرڻ گهرجي، آءِ ايم ايف جَي ايم ڊي پاران ٻوڏ سان همدردي جو اظهار، ڪرسٽالينا جاجيوا نقصانن جي ڪاٿي جي اهميت تي زور ڏنو، وزيراعظم شهباز شريف جي ورلڊ بينڪ گروپ جي صدر اجي بنگا سان به ملاقات، شهباز شريف عالمي بينڪ جي صدر کي حڪومت جي جامع سڌارن واري ايجنڊا کان آگاهه ڪيو




