سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سان آمريڪا جي ناظم الامور نيتالي بيڪر جي ملاقات، ملاقات ۾ آمريڪي قونصل جنرل چارلس گڊمين، پوليٽيڪل آفيسر جيرڊ هانسن پڻ موجود هئا، ٻوڏ جي صورتحال، غذائي تحفظ، ڪي ٽي بندر منصوبي تي خيالن جي ڏي وٺ. وڏي وزير مراد علي شاهه جو ڪي ٽي بندر پروجيڪٽ شروع ڪرڻ جو عزم، سندس چوڻ آهي ته ڪي ٽي بندر تاريخي طور پهريون قدرتي پورٽ هو.، ڪي ٽي بندر شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو منصوبو آهي، ان کي هو بحال ڪرڻ چاهين ٿا، هن وقت ڪراچي پورٽ تي وڌيڪ بار آهي، نئين پورٽ جي ضرورت آهي، آمريڪي ناظم الامور چيو ته آمريڪي ڪمپنين جا اعليٰ آفيسر جلد سنڌ جو دورو ڪندا، سنڌ جي مختلف منصوبن ۾ آمريڪي ڪمپنيون سيڙپڪاري ڪرڻ چاهين ٿيون، وڏي وزير خاطري ڪرائي ته آمريڪي سيڙپڪاري لاءِ مڪمل سهڪار ڪيو ويندو



