Facebook · YouTube · Xسنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

سنڌ جي وڏي وزير پاران ٽي پي لنڪ ۽ تڪراري ڪئنال رٿا رد ٿيڻ تائين جدوجهد جاري رکڻ جو اعلان

سنڌ ۾ اڳ ئي پاڻي جي 50 سيڪڙو کوٽ آهي، پاڻي واري معاملي تي سنڌ جو ڪيس وڙهي رهيا آهيون: مرادعلي شاهه

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران ٽي پي لنڪ ڪئنال ۽ تڪراري ڪئنال رٿا رد ٿيڻ تائين جدوجهد جاري رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ اڳ ئي پاڻي جي 50 سيڪڙو کوٽ آهي، پاڻي واري معاملي تي سنڌ جو ڪيس وڙهي رهيا آهيون.

پنجاب ٽي پي لنڪ ڪئنال کولي پنهنجو ڪيس خراب ڪري رهيو آهي، ان ڪري اسان جو ڪيس مضبوط ٿي رهيو آهي.

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو وڌيڪ چوڻ هو ته سنڌوءَ تي ڪنهن کي به ڪئنال ٺاهڻ نه ڏينداسين.

Related posts

Leave the first comment