پاڪستان طرفان فلسطين کي آزاد رياست تسليم ڪندڙ ملڪن جي آجيان، رهجي ويل ملڪ به عالمي قانون تحت فلسطين کي آزاد رياست تسليم ڪن، پاڪستان انهن ڪجهه ملڪن مان هڪ آهن، جن 1988 ۾ فلسطين کي آزاد رياست تسليم ڪيو: نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جو سوشل ميڊيا تي پيغام، سندس چوڻ آهي ته فلسطين کي رياست تسليم ڪرڻ گڏيل قومن ۽ سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن تحت فلسطيني عوام جو قانوني حق آهي، فلسطيني رياست کي تسليم ڪرڻ خطي ۾ هڪ منصفاڻي، جامع ۽ جٽادار امن ڏانهن هڪ قدم آهي


