سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ توانائي واري وزير ناصر حسين شاهه جو چيري هيڊ ڪوارٽر ووهو چين جو دورو

چيري هولڊنگز گروپ سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ اليڪٽرڪ گاڏين لاءِ چارجنگ اسٽيشن لڳائڻ تي راضي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ توانائي واري وزير ناصر حسين شاهه جو چيري هيڊ ڪوارٽر ووهو چين جو دورو.

چيري هولڊنگز گروپ سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ اليڪٽرڪ گاڏين لاءِ چارجنگ اسٽيشن لڳائڻ تي رضامندي ظاهر ڪري ڇڏي.

شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ آهي ته سنڌ جي هر ضلعي ۾ هر 50 ڪلوميٽر تي هڪ اِي وي چارجنگ اسٽيشن قائم ڪئي ويندي.

ناصر شاهه جو چوڻ آهي ته چيني سيڙپڪارن سنڌ جي ڏورانهن علائقن ۾ شمسي توانائي تي ٻڌل منصوبن لاءِ سهڪار جي پڪ ڏني آهي.

Related posts

Leave the first comment