ڪراچي ۾ رينجرز ۽ سي ٽي ڊي جي ڪارروائي، فتنه الخوارج جا 3 انتهائي گهربل دهشتگرد گرفتار

ڪورنگي جي علائقي مهراڻ ٽائون ۾ ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي وئي: رينجرز ترجمان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ رينجرز ۽ سي ٽي ڊي جي ڪارروائي، فتنه الخوارج جا 3 انتهائي گهربل دهشتگرد گرفتار.

سنڌ رينجرز جي ترجمان موجب ڪورنگي جي علائقي مهراڻ ٽائون ۾ ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي وئي.

گرفتار دهشتگردن جي قبضي مان هٿيار ۽ ڌماڪيدار مادو هٿ ڪيو ويو، جوابدارن جو تعلق فتنه الخوارج ڪمانڊر رومان رئيس ۽ اسلام دين گروپ سان آهي.

رينجرز ترجمان موجب جوابدارن کي فتنه الخوارج جي ڪمانڊر ڀتي جي اوڳاڙي، ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ دهشتگردي لاءِ ڪراچي موڪليو هو.

Related posts

Leave the first comment