سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

بلاول ڀٽو زرداري جي سنڌ طاس معاهدي تي عالمي ٽياڪڙي عدالت جي فيصلي جي آجيان

سنڌ طاس معاهدي تي ڀارتي هڪ طرفي فيصلي جي عالمي قانون ۾ ڪا گنجائش ناهي: پ پ چيئرمين

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي سنڌ طاس معاهدي تي عالمي ٽياڪڙي عدالت جي فيصلي جي آجيان.

پ پ چيئرمين جو چوڻ آهي ته سنڌوءَ تي حملو نامنظور، سنڌ طاس معاهدي تي ڀارت جي هڪ طرفي فيصلي جي عالمي قانون ۾ ڪا گنجائش ناهي.

عالمي ٽياڪڙي واري عدالت سنڌ طاس معاهدي تي پاڪستاني موقف جي پوئواري ڪئي آهي.

عالمي عدالت فيصلي ۾ چيو ته ڀارت طرفان معاهدي کي هڪ طرفو معطل ڪرڻ ۽ ٽياڪڙي عدالت جي ڪردار کي محدود ڪرڻ جو قدم درست ناهي.

عالمي عدالت جو وڌيڪ چوڻ هو ته سنڌ طاس معاهدي جي حوالي سان ٽياڪڙي عدالت جو ڪردار واضح آهي.

Related posts

Leave the first comment