اتر وزيرستان: مير علي ۾ دهشتگرد حملو، 13 جوان شهيد، 14 خارجي دهشتگرد به مارجي ويا

مير علي ۾ سڪيورٽي فورسز جي قافلي تي آپگهاتي حملي جي ڪوشش ڪئي وئي

اتر وزيرستان (نيشنل ڊيسڪ) اتر وزيرستان جي علائقي مير علي ۾ دهشتگردن جو حملو، 13 جوان شهيد ٿي ويا، 14 خارجي به ماريا ويا.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته مير علي ۾ سڪيورٽي فورسز جي قافلي تي آپگهاتي حملي جي ڪوشش ڪئي وئي.

قافلي آڏو موجود دستي بروقت ڪارروائي ڪندي دهشتگردن جو ناپاڪ منصوبو ناڪام بڻائي ڇڏيو.

دهشتگردن جي حملي ۾ 13 بهادر جوان شهيد ٿي ويا، حملو ڀارتي رياست جي پٺڀرائي هيٺ ڪم ڪندڙ گروهه ”فتنه خوارج“ذريعي ڪرايو ويو، حملي ۾ 2 ٻار ۽ هڪ عورت به زخمي ٿي پيا.

آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته سڪيورٽي فورسز تي حملي کان پوءِ علائقي ۾ ڪليئرنس آپريشن دوران خارجين جو پيڇو ڪيو ويو، جنهن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 14 خارجي ماريا ويا.

شهيد جوانن ۾ صوبيدار زاهد اقبال، حوالدار سهراب خان، حوالدار ميان يوسف، نائيڪ خطاب شاهه، لانس نائيڪ اسماعيل، سپاهي روحيل ۽ محمد رمضان شامل.

آءِ ايس پي آر موجب سپاهي نواب، زبير احمد، محمد سخي، هاشم عباسي، مدثر اعجاز ۽ منظر علي به شهيدن ۾ شامل آهن،

Related posts

Leave the first comment