سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

حيدرآباد ۾ 15 سال اڳ پسند جو پرڻو ڪندڙ پيرسن جوڙي مٿان حملو، مڙس قتل، زال زخمي

جوابدارن ڳوٺ عدل نوناري لڳ ليبر فليٽس ۾ رهندڙ پيرسن جوڙي مٿان ڪهاڙين سان حملو ڪيو

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) حيدرآباد ۾ 15 سال اڳ پسند جو پرڻو ڪندڙ پيرسن جوڙي مٿان حملو، مڙس قتل، زال زخمي.

پوليس موجب جوابدارن ڳوٺ عدل نوناري لڳ ليبر فليٽس ۾ رهندڙ پيرسن جوڙي مٿان عورت جي پٽ ۽ ڀاءُ ڪهاڙين سان حملو ڪيو.

جوابدارن جي حملي ۾ شفيع محمد سولنگي موقعي تي مارجي ويو جڏهن ته سندس گهر واري عظمت خاتون زخمي ٿي پئي. فوتي شفيع محمد سولنگيءَ جو لاش ۽ سندس زخمي گهر واري عظمت خاتو کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

Related posts

Leave the first comment