صدر آصف علي زرداري سان گهانا لاءِ نامزد سفير نجيب دراني جي ملاقات، صدر آصف علي زرداري جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۽ گهانا جي دوستاڻن، واپاري ۽ معاشي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان ڪاروباري موقعن لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪري ٿو، گهانا جي ڪمپنين کي گڏيل منصوبن ۾ سيڙپڪاري لاءِ راضي ڪيو وڃي، ٻنهي ملڪن جي ادارن ۾ لاڳاپا مضبوط ٿيڻ گهرجن.


