گردشي قرضن سبب توانائي جو شعبو متاثر ٿي رهيو آهي، گردشي قرضن تي ضابطو آڻڻ لاءِ اتفاق راءِ سان لائحه عمل واضح ڪيو ويو، گردشي قرضن جي خاتمي واري اسڪيم توانائي شعبي ۾ سڌارن جو حصو آهي، اسڪيم تحت ايندڙ ڇهن سالن ۾ گردشي قرضن مان ڇوٽڪارو حاصل ٿي ويندو: توانائي واري وفاقي وزير اويس لغاري جو توانائي شعبي جي گردشي قرضن جي خاتمي واري منصوبي جي افتتاحي تقريب کي خطاب، ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب جو چوڻ آهي ته گردشي قرضن جي خاتمي لاءِ هڪ سال کان ڪوششون جاري هيون، پاور سيڪٽر جا اسٽرڪچرل مسئلا حل ٿي رهيا آهن، گردشي قرضن جي خاتمي جا توانائي جي شعبي تي ڏوررس اثر پوندا




