ايران طرفان اسرائيل تي ڪيترائي بيلسٽڪ ميزائل فائر، 47 ماڻهن جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع

تل ابيب جي علائقي گش دان ۽ صحراءِ نقب سميت چئن علائقن ۾ 6 ميزائل ڪرڻ جا اطلاع آهن: اسرائيلي ريسڪيو عملدار

تل ابيب (انٽرنيشنل ڊيسڪ) تازي جنگ ۾ اسرائيل تي ايران جو سڀ کان وڏو حملو، ايران طرفان اسرائيل تي ڪيترائي بيلسٽڪ ميزائل فائر ڪيا ويا.

ايرائين مزائل حملن ۾ 47 ماڻهن جي زخمي ٿيڻ جي اطلاع، ايراني ميزائل حملن کانپوءِ تل ابيب ۽ والاريل بيت المقدس ۾ ڌماڪن جا آواز ٻڌا ويا.

اسرائيلي ريسڪيو عملدارن جو چوڻ آهي ته تل ابيب جي علائقي گش دان ۽ صحراءِ نقب سميت چئن علائقن ۾ 6 ميزائل ڪرڻ جا اطلاع آهن، صحراءِ نقب ۾ هڪ عمارت تي سڌو سنئون ميزائل لڳو.

اسرائيلي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ايران ڏکڻ اسرائيل ۾ هڪ اسپتال کي نشانو بڻايو آهي، ايراني ميزائل حملي کانپوءِ ڪيترن ئي هنڌن تي سخت نقصان ۽ زخمين جا اطلاع آهن.

ايراني ميڊيا جو چوڻ آهي ته اڄ صبح ٿيندڙ ايراني ميزائل حملن ۾ اسرائيلي فوجي ۽ انٽيليجنس مرڪزن کي نشانو بڻايو ويو آهي.

ٻئي طرف اسرائيل به ايران تي هوائي حملا جاري رکيا جنهن دوران تهران ۾ڌماڪن جا آواز ٻڌا ويا.

سرائيلي فوج جو چوڻ آهي ته ايران جي فوجي ٿاڪن کي نشانو بڻايو پيو وڃي.

Related posts

Leave the first comment