ڪراچي، لاهور، اسلام آباد ۽ سيالڪوٽ جون هوائي حدون عارضي طور بند، نوٽم جاري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي لاهور، اسلام آباد ۽ سيالڪوٽ ايئرپورٽس تي هوائي آپريشن عارضي طور معطل ڪيو ويو آهي، هوائي حدن جي عارضي بندش بابت نوٽيس ٽو ايئرمين (نوٽم) جاري ڪيو ويو آهي.

پاڪستان ايئرپورٽ اٿارتي ( پي اي اي) طرفان جاري بيان موجب ڪراچي، لاهور، اسلام آباد ۽ سيالڪوٽ ايئرپورٽ تي فلائيٽ آپريشن عارضي طور معطل ڪيو ويو آهي.

ڪراچي، لاهور، اسلام آباد ۽ سيالڪوٽ جا هوائي اڏا خميس تي منجھند 12 وڳي تائين دستياب نه هوندا.

پي اي اي جي ترجمان سيف الله خان طرفان جاري بيان ۾ مسافرن کي درخواست ڪئي وئي آهي ته هو لاڳاپيل ايئرلائينز سان رابطو ۾ رهن جيئن تازي ڄاڻ کان آگاهه رهن.

Related posts

Leave the first comment