هڪ ارب ڊالر کپن، پاڪستان جو آءِ ايم ايف سان ٻئي اقتصادي جائزي لاءِ شيڊول طئه ٿي ويو، عالمي مالياتي فنڊ سان هڪ ارب ڊالر جي نئين قسط لاءِ ڳالهيون هلندڙ مهيني جي آخر ۾ ٿينديون، ذريعن موجب آءِ ايم ايف وفد 25 کان 8 آڪٽوبر تائين دورو ڪندو، پهرئين مرحلي ۾ ٽيڪنيڪي ۽ ٻئي مرحلي ۾ پاليسي سطح جون ڳالهيون ڪيون وينديون، ناڻي، توانائي ۽ رٿابندي وارين وزارتن ۽ اسٽيٽ بينڪ جي اختيارين سان ڳالهيون ٿينديون، ايف بي آر، اوگرا ۽ نيپرا سميت ٻين ادارن ۽ وزارتن جا عملدار به ڳالهين جو حصو هوندا، آءِ ايم ايف وفد چئني صوبن سان ڌار ڌار ڳالهيون ڪندو


