سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

صدر ٽرمپ پاڪستان سان ڊگهي مدي واري اسٽريٽجڪ ڀائيواري ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي: آءِ ايس پي آر

فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان وائيٽ هائوس ۾ ملاقات: پڌرائي جاري

راولپنڊي (نيشنل ڊيسڪ) آءِ ايس پي آر چيو آهي ته فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان وائيٽ هائوس ۾ ملاقات.

آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل موجب، صدر ٽرمپ پاڪستان سان ڊگهي مدي واري اسٽريٽجڪ ڀائيواري ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو.

ٻنهي اڳواڻن ايران-اسرائيل تڪرار جي پرامن حل تي زور ڏنو، دهشتگرديءَ جي خاتمي واري عزم جو اظهار ڪيو.

معاشي، واپاري، مائينز اينڊ منرلز ۽ آءِ ٽي، ڪرپٽو ڪرنسي سميت مختلف شعبن ۾ سهڪار تي اتفاق ڳالهه ٻولهه ٿي.

آءِ ايس پي آر موجب صدر ٽرمپ گڏيل مفادن تي ٻڌل واپاري معاهدي جي خواهشن جو اظهار ڪيو، آرمي چيف پاڪستان ۽ عوام طرفان صدر ٽرمپ جا ٿورا مڃيا.

ڊونلڊ ٽرمپ پاڪستان جي علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ ڪوششن کي ساراهيو، اعليٰ سطحي ملاقات آجياڻي جي موقعي تي ڪابينا جي ڪمري ۾ ٿي.

ملاقات دوران پاڪستان جي نيشنل سيڪيورٽي ايڊوائزر جنرل عاصم ملڪ، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو ۽ وچ اوڀر بابت خصوصي نمائندي اسٽيو وٽڪوف به موجود هئا.

Related posts

Leave the first comment