– ايراني صدر مسعود پزشڪيان ٻن ڏينهن جي دوري تي سڀاڻي پاڪستان پهچندو، پرڏيهي ترجمان موجب ايراني صدر 2 کان 3 آگسٽ تائين وزيراعظم جي دعوت تي پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪندو، ساڻس گڏ ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي ۽ اعليٰ سطحي وفد به پاڪستان ايندو، ايراني صدر مسعود پزشڪيان صدر مملڪت آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقاتون ڪندو


