سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

ڏوهي رڪارڊ جي بنياد تي پوليس ڪانسٽيبل طور ڀرتي نه ڪرڻ خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل

– ڏوهي رڪارڊ جي بنياد تي پوليس ڪانسٽيبل طور ڀرتي نه ڪرڻ خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل، سجاول ضلعي جي ستن اميدوارن جي داخل درخواست تي عدالت سنڌ حڪومت ۽ ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، 12 آگسٽ تائين جواب طلب، درخواستگذارن جي وڪيل جو چوڻ آهي ته درخواستگذارن پوليس ۾ ڪانسٽيبل جو امتحان پاس ڪيو آهي، پر انهن خلاف ڪيسن جي ڪري آفر آرڊر جاري نه ٿي رهيا آهن، درخواستگذارن کي ڪيسن مان بري ڪيو ويو آهي، جيستائين ڪنهن ڪيس ۾ سزا نه ٿي اچي، انهن کي نوڪري کان محروم نٿو ڪري سگهجي

Related posts

Leave the first comment