پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گھٽتائيءَ جو امڪان

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي قيمتن ۾ گھٽتائيءَ کان پوءِ پاڪستان ۾ به 16 فيبروريءَ تي پيٽروليم شين جي قيمتن گھٽتائيءَ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.

ذريعن موجب پيٽرول في ليٽر تي 2 رپيا49 پئسا جڏهن ته ڊيزل جي قيمت ۾ 9 رپيا 11 پئسا گھٽتائي ڪرڻ جي صلاح ڏني وئي آهي.

ان کان سواءِ گاسليٽ جي في ليٽر ۾ 3 رپيا 46 پئسا ۽ لائيٽ ڊيزل جي قيمتن ۾ 5 رپيا 60 پئسا گھٽتائيءَ جي صلاح ڏني وئي آهي، منظوريءَ کان پوءِ خزاني واري وزارت آخري قيمتن جو اعلان ڪندي.

ٻئي طرف عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي قميتن ۾ 6 سيڪڙو تائين جي گھٽتائي ٿي آهي، عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي قيمتن ۾ 83.40 ڊالر کان گھٽ ٿي 78.35 ڊالر في بيرل ٿي وئي آهي.

Related posts

Leave the first comment