اسماعيلي برادريءَ جو روحاني پيشوا پرنس ڪريم آغا خان لاڏاڻو ڪري ويو

لزبن (انٽرنيشنل ڊيسڪ) اسماعيلي برادريءَ جو روحاني پيشوا پرنس ڪريم آغا خان لاڏاڻو ڪري ويو، پرنس ڪريم آغا خان 4 فيبروري تي پرتگال جي گادي واري شهر لزبن ۾ 88 ورهين جي ڄمار ۾ دم ڏنو، مولانا شاهه ڪريم الحسيني اسماعيلي جماعت جو 49 هون روحاني پيشوا هو، مولانا شاهه ڪريم جي جنازي نماز لزبن ۾ ادا ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو، جاري پڌرائي موجب پرنس ڪريم آغا جي تدفين جي هنڌ جو اعلان ناهي ٿيو، انتظام مڪمل ڪرڻ بعد تاريخ ۽ وقت جو اعلان ڪيو ويندو، پرنس ڪريم آغا خان پنهنجي وصيت ۾ جانشين نامزد ڪيو هو، وصيت پرنس ڪريم آغا خان جي خاندان ۽ جماعت جي سينيئر ميمبرن جي موجودگي ۾ پڙهي ٻڌائي ويندي.

Related posts

Leave the first comment