پاڪستان سلامتي ڪائونسل جي صدارت سنڀالي ورتي

عالمي ذميواري نوڙت ۽ عزم سان ادا ڪري رهيا آهيون: اسحاق ڊار

نيويارڪ (انٽرنيشنل ڊيسڪ) پاڪستان سلامتي ڪائونسل جي صدارت سنڀالي ورتي.

نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جو چوڻ آهي ته عالمي ذميواري نوڙت ۽ عزم سان ادا ڪري رهيا آهيون.

سلامتي ڪائونسل کي اثرائتي، بامقصد ۽ وقت سر فيصلن ڏانهن آڻينداسين، سموري دنيا ۾ تڪرارن ۽ انساني بحرانن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي.

گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي قانون تي پختو يقين رکون ٿا، ٻن اعليٰ سطحي اجلاسن جي صدارت ڪندس.

پهريون اجلاس امن ۽ سلامتي، گهڻ رخي ۽ پرامن تڪرارن جي حل تي ٿيندو، ٻيو اجلاس گڏيل قومن ۽ او آءِ سي وچ ۾ سهڪار تي ٻڌل هوندو.

Related posts

Leave the first comment