سنڌ سرڪار طرفان چيني اَي اِي آٽو ڪمپني کي سنڌ ۾ اليڪٽرڪ گاڏين لاءِ چارجنگ اسٽيشنز قائم ڪرڻ جي دعوت، صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ ناصر حسين شاهه جي چين ۾ اَي اِي آٽو ڪمپنيءَ جي اختيارين سان ملاقات، سنڌ ۾ اليڪٽرڪ گاڏين لاءِ چارجنگ اسٽيشنز قائم ڪرڻ بابت خيالن جي ڏي وٺ، ڪمپني جي اختيارين ٻنهي صوبائي وزيرن کي جديد چارجنگ ٽيڪنالاجي تي بريفنگ ڏني، شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ جي شهرن ۽ ٻهراڙين ۾ چارجنگ نيٽورڪ قائم ڪرڻ جو منصوبو آهي، صوبي ۾ اليڪٽرڪ چارجنگ اسٽيشنز جو قيام ماحولياتي تحفظ لاءِ اهم آهي. سنڌ سرڪار متبادل توانائي ۾ سيڙپ ڪندڙ ڪمپنين کي سهولتون فراهم ڪندي، ناصر حسين شاهه چيو ته توانائي ۽ ٽرانسپورٽ اڄوڪي دور ۾ هڪ ٻئي سان ڳنڍيل شعبا آهن، سنڌ سرڪار اڳ ئي قابلِ تجديد توانائي ۾ اهم قدم کنيا آهن، هاڻ اليڪٽرڪ موبيلٽي ايندڙ مرحلو آهي


