سعودي عرب، گڏيل عرب اماراتن ۽ نار وارن ملڪن ۾ اڄ عيد الاضحيٰ ملهائي پئي وڃي

مسجد الحرام، مسجد نبوي ۾ عيد نماز جا اجتماع، لکين ماڻهن عيد جي نماز ادا ڪئي وئي

سعودي عرب (انٽرنيشنل ڊيسڪ) سعودي عرب، گڏيل عرب اماراتن ۽ نار وارن ملڪن ۾ اڄ عيد الاضحيٰ ملهائي پئي وڃي.

مسجد الحرام، مسجد نبوي ۾ عيد نماز جا اجتماع، لکين ماڻهن عيد جي نماز ادا ڪئي، قطر، ڪويت، ترڪي، شام، اردن، عمان ۽ عراق ۾ به اڄ عيد الاضحيٰ ملهائي پئي وڃي.

برطانيا، آمريڪا، ڪئنيڊا ۽ آسٽريليا ۾ رهندڙ مسلمان به سنت ابراهيمي تحت اڄ جانورن جي قرباني ڪري رهيا آهن.

پاڪستان سميت ٻين ملڪن ۾ سڀاڻي عيدالاضحيٰ ملهائي ويندي، پاڪستان جي سمورن صوبن ۾ سيڪيورٽيءَ جا خاص انتظام.

Related posts

Leave the first comment