– سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان طرفان رياض ۾ سرڪاري دوري دوران ڏنل شاندار ۽ دل کي ڇهندڙ آجيان کان گهڻو متاثر ٿيو آهيان، رائل سعودي ايئرفورس جي جهازن پاران شاندار آجيان پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ محبت ۽ گڏيل عزت جو اظهار آهي، وزيراعظم شهباز شريف جو سماجي رابطن جي ويب سائيٽ تي بيان، سندس چوڻ آهي ته ولي عهد سان ملاقات ۾ علائقائي چيلينجن جو جائزو ورتو ويو ۽ ٻنهي ملڪن وچ سهڪار تعاون وڌائڻ تي ڳالهه ٻولهه ٿي، دعا آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي دوستي هميشه مضبوط ٿئي ۽ نين اوچائين کي ڇُهي، وزيراعظم شهباز شريف سعودي عرب جو دورو مڪمل ڪري لنڊن روانو، رياض جي نائب گورنر محمد بن عبدالرحمان بن عبدالعزيز هوائي اڏي تي وزيراعظم کي الوداع ڪيو


