ڀارتي بهار ۾ نچڻ واري گروپ گھوٽ کي شاديءَ جي منڊپ مان اغوا ڪري ورتو

پوليس ڪارروائي ڪري 9 ڪلاڪن جي جاکوڙ کان پوءِ گھوٽ کي بازياب ڪرائي ورتو

بهار (انٽريسٽنگ ڊيسڪ) ڀارتي رياست بهار ۾ شاديءَ دوران نرالو واقعو پيش آيو جنهن ۾ منڊپ مان گھوٽ کي اغوا ڪيو ويو، پوليس ڪارروائي ڪري 9 ڪلاڪن کان پوءِ کيس بازياب ڪرائي ورتو

بهار جي ضلعي گوپال گنج ۾ هڪ شادي تقريب ۾ واقعو پيش آيو، جڏهن گھوٽ کي شاديءَ جي منڊپ مان ڊانس گروپ اغوا ڪري ورتو.

سونو ڪمار شرما جي شادي تقريب ۾ مقامي روايت موجب نچڻ جي محفل سجائي وئي هئي، جنهن ۾ کدڙن فقيرن تي ٻڌل هڪ گروپ پرفارم ڪيو.

رات جو دير تائين شاديءَ جون رسمون مڪمل ٿي چڪيون هيون ۽ ڃاڄي نچي ڪُڏي رهيا هئا ۽ محفل جو مزو وٺي رهيا هئا.

ان دوران جڏهن ناچ ڪندڙن پروگرام ختم ڪرڻ چاهيو ته ڪجھه مهمانن ان تي اعراض ڪيو ۽ جھيڙو شروع ٿي ويو.

ڳالهه ڳالهائڻ کان وڌيڪ هٿين پوڻ تائين پهچي وئي ۽ هڪ رقاصه مسڪان زخمي ٿي پئي جنهن کي اسپتال نيو ويو.

زخمي مسڪان وڌيڪ ماڻهو طلب ڪيا، رات لڳ ڀڳ 2 وڳي هڪ گاڏي ۾ ماڻهو آيا ۽ شادي تقريب تي حملو ڪري گھوٽ کي يرغمال بڻائي پاڻ سان گڏ کڻي ويا.

واقعي بعد گھوٽ جا وارث پريشان ٿي ويا ۽ هنن پوليس کي اطلاع ڪيو، پوليس لڳ ڀڳ 9 ڪلاڪن جي ڪوشش کان پوءِ گھوٽ کي آزاد ڪرائي ورتو.

Related posts

Leave the first comment