سانگھڙ ۾ شهريءَ کان ساڍا 15 لک رپيا ڦر، تشدد، شهري جو احتجاج

سانگھڙ (ويب ڊيسڪ) سانگهڙ ويجهو موٽرسائيڪل سوار ڦورو شهري کان لکين رپيا ڦر ڪري سولائيءَ سان فرار ٿي ويا.

سم نالي وٽ ٽن موٽرسائيڪل تي سوارن عبدالحق لغاري کي يرغمال بڻائي ساڍا 15 لک رپيا ڦر ڪيا.

مزاحمت تي هٿياربندن جو شهري تي تشدد ڪيو، متاثر شهري جو چوڻ آهي ته ڦورو 15 لک 50 هزار روڪ رقم ۽ موبائيل فون ڦر ڪري ويا آهن، جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.

Related posts

Leave the first comment