چين آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تي ايران ۽ اسرائيل جي ڇڪتاڻ وڌائڻ جو الزام لڳائي ڇڏيو

آمريڪا طرفان خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ جي بدران ٻرنديءَ تي تيل هارڻ جو ڪم ڪيو پيو وڃي

بيجنگ (انٽرنيشنل ڊيسڪ) چين آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تي ايران ۽ اسرائيل جي ڇڪتاڻ وڌائڻ جو الزام لڳائي ڇڏيو.

چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته آمريڪا طرفان خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ جي بدران ٻرنديءَ تي تيل هارڻ جو ڪم ڪيو پيو وڃي.

چيني پرڏيهي وزارت جو وڌيڪ چوڻ هو ته آمريڪا طرفان ڌمڪيون ڏيڻ ۽ دٻاءُ وڌائڻ سان تڪرار وڌيڪ ڀڙڪندو.

Related posts

Leave the first comment