سيڪيورٽي فورسز جون خيبرپختونخوا ۾ ڪارروايون، 35 دهشتگرد مارجي ويا، 12 جوان شهيد، آءِ ايس پي آر موجب، سيڪيورٽي فورسز 10کان 13 سيپٽمبر تائين خيبرپختونخوا جَي ٻن هنڌن تي آپريشن ڪيا، باجوڙ ۾ خارجين جي موجودگيءَ جَي اطلاع تي سيڪيورٽي فورسز جو انٽيلي جنس بيسڊ آپريشن، خارجين جَي ٺڪاڻن کي اثرائتي انداز ۾ نشانو بڻايو ويو، شديد فائرنگ جِي ڏي وٺ ۾ ڀارتي سرپرستي ۾ ڪم ڪندڙ 22 خارجي مارجي ويا، سيڪيورٽي فورسز جِي وزيرستان ۾ به خارجين خلاف ڪارروائي، 13 خارجي ماريا ويا، خارجي دهشتگردن سان بهادري سان وڙهندي 12 جوانن شهادت ماڻي، سيڪيروٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي جو ناسور ختم ڪرڻ لاءِ پُرعزم، دهشتگردن ۽ سندن سهولتڪارن کي انجام تائين پهچائڻ جو عزم


