ڪراچي مان گڏهن جون کلون چين اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام

ڪسٽم عملدارن بندرگاهه تان 8 ڪروڙ ماليت جون کلون هٿ ڪري ورتيون

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي مان گڏهن جون کلون چين اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي وئي.

سنڌ ڪسٽم کاتي جي ٽيم بندرگاهه تان 8 ڪروڙ ماليت جون کلون هٿ ڪري ورتيون، ڪيس داخل ڪيو ويو.

ڪسٽم عملدران جو چوڻ آهي ته چمڙي جي شين جي شڪل ۾ 285 پارسل چين موڪليا پئي ويا.

چيڪنگ دوران پارسل مان 14 هزار گڏهن جون کلون مليون، ايڪسپورٽ پاليسي تحت گڏهن جي چمڙن جي برآمد تي پابندي آهي.

Related posts

Leave the first comment