وڇوٽيون پيدا ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي، هاڪاري تنقيد ضرور ڪئي وڃي، هي وقت تنقيد جو ناهي، پريشانيون ۽ مسئلا ضرور آهن پر انتظاميه متحرڪ آهي، 3 ڏينهن برساتن دوران انتظاميا سرگرم رهي، جنهن جو مثال نٿو ملي، شهري اوچتو برسات دوران گهر وڃڻ لاءِ تڪڙ نه ڪن، جنهن سان مسئلا پيدا ٿين ٿا، ملڪ ۾ هن وقت ٻوڏ جي صورتحال آهي، ٻوڏ جي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ سمورا انتظام مڪمل آهن، ڪچي جي ماڻهن کان سهڪار جي ضرورت آهي، وڏي وزير مراد علي شاهه جون ميڊيا سان ڳالهيون، سندس چوڻ آهي ته هن وقت ريسڪيو ۽ رليف جي مرحلي ۾ آهن، عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت اسان جي ترجيح آهي، وڏي وزير مراد علي شاهه جي سنڌ ڪابينا جي ميمبرن سان گڏ قائد اعظم جي مزار تي حاضري، گل رکي دعا گهري


