Facebook · YouTube · Xسنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

سنڌو درياءَ ۾ پاڻي جي وهڪرن ۾ واڌ جو سلسلو جاري، گڊو بئراج وٽ 24  ڪلاڪن دوران وهڪرن ۾ معمولي واڌ

سنڌو درياءَ ۾ پاڻي جي وهڪرن ۾ واڌ جو سلسلو جاري، گڊو بئراج وٽ 24  ڪلاڪن دوران وهڪرن ۾ معمولي واڌ، پاڻي ۾ رڳو 17 ڪيوسڪ اضافو، گڊو بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون 5 لک 2 هزار 861 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 4 لک 75 هزار 970 ڪيوسڪ رڪارڊ، سکر بئراج وٽ پاڻي جي وهڪرن ۾ 24 ڪلاڪن دوران 40 هزار 580 ڪيوسڪ واڌ، سکر  بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون 4 لک  40 هزار 985 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون 4 لک 12 هزار 735 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو ، ڪوٽڙي بئراج وٽ 24 ڪلاڪن دوران 4  هزار 609 ڪيوسڪ واڌ، ڪوٽڙي بئراج وٽ مٿانهون وهڪرو 2  لک 57 هزار  754 ڪيوسڪ  ۽ هيٺانهون وهڪرو 2  لک 54 هزار  354 ڪيوسڪ رڪارڊ

Related posts

Leave the first comment