سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

وچ اوڀر ۾ فوري جنگبندي ڪئي وڃي، چيني صدر ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ 4 تجويزون پيش ڪيون: چيني پرڏيهي وزارت

شي جن پنگ پنهنجي تجويزن ۾شهرين جو ترجيحي طور تي تحفظ يقيني بڻائڻ جو چيو آهي: ترجمان

بيجنگ (انٽرنيشنل ڊيسڪ) چيني پرڏيهي وزارت چيو آهي ته وچ اوڀر ۾ فوري جنگبندي ڪئي وڃي، چيني صدر ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ 4 تجويزون پيش ڪري ڇڏيون.

چيني پرڏيهي وزارت موجب شي جن پنگ پنهنجي تجويزن ۾شهرين جو ترجيحي طور تي تحفظ يقيني بڻائڻ، ڳالهين جي شروعات کي اڳتي وڌڻ جو بنيادي رستو ۽ عالمي برادري کي امن لاءِ ڪوششن کي اڻٽر قرار ڏنو آهي.

چيني صدر جو چوڻ آهي ته ايران اسرائيلي تڪرار ۾ امڪاني آمريڪي مداخلت وڌيڪ هڪ خوفناڪ ڇڪتاڻ جو ڪارڻ هوندي.

Related posts

Leave the first comment