بلاول ڀٽو زرداري وفاقي حڪومت کان ملڪ ۾ زرعي ايمرجنسي لاڳو ڪري هارين جا بجلي بل معاف ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، ٻوڏ متاثرن کي بينظير انڪم سپورٽ ذريعي امداد فراهم ڪرڻ جي گهُر، مظفر ڳڙهه جي ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ٻوڏ سبب وڏي پئماني تي تباهي ٿي آهي، ڏکئي وقت ۾ عوام جو ساٿ ڏيڻ سڀني جي ذميواري آهي، ٻوڏ جي شروعات کان ختم ٿيڻ تائين هارين جي بجلي جا بل معاف ڪرڻ گهرجن ۽ ملڪ ۾ زرعي ايمرجنسي لاڳو ڪئي وڃي، وفاقي سرڪار بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي متاثرن کي امداد پهچائي، وفاق کي صوبن سان گڏجي ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪرڻ گهرجي، ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ عالمي سطح تي به اپيل ڪئي وڃي، هن وقت اهو نه ڏسڻ گهرجي ته متاثر شخص جو تعلق ڪٿان کان آهي، سندس مدد ڪرڻ گهرجي


