سپريم ڪورٽ 8 سيپٽمبر تي فل ڪورٽ اجلاس طلب ڪري ورتو، چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي صدارت هيٺ فل ڪورٽ اجلاس هڪ نقاطي هوندو، ذريعن موجب، اجلاس ۾ سپريم ڪورٽ رولز 2025ع ۾ ترميمن جو جائزو ورتو ويندو، سپريم ڪورٽ بار جي صدر لکت ۾ تجويزون سپريم ڪورٽ کي اماڻي ڇڏيون، تجويزن ۾ عدالتي فيسن ۾ اضافو واپس وٺڻ جو به مطالبو ڪيو ويو هو




